بيجنگ-22 مئي (اي پي پي) چين ۽ مالدووا سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته چين مالدووا سان گڏيل مفاد تي ٻڌل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ تيار آهي. اها ڳالهه هن بيجنگ ۾ مالدووا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ميهائي پوپشوئي سان ملاقات دوران چئي. …
چين ۽ مالدووا وچ ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق
بيجنگ-22 مئي (اي پي پي) چين ۽ مالدووا سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته چين مالدووا سان گڏيل مفاد تي ٻڌل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ تيار آهي. اها ڳالهه هن بيجنگ ۾ مالدووا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ميهائي پوپشوئي سان ملاقات دوران چئي. وانگ يي چيو ته چين ۽ مالدووا دوستاڻا شراڪتدار آهن ۽ چين ٻنهي ملڪن وچ ۾ روايتي دوستي کي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته گڏيل اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ ٻه طرفا لاڳاپن کي نئين رفتار ڏيڻ جي ضرورت آهي. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي حمايت ڪري ٿو ۽ مالدووا جي ان موقف کي ساراهي ٿو جيڪو چين جي بنيادي مفادن بابت معاملن ۾ اختيار ڪيو ويو. هن ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو ته هو واپار، گرين انرجي، ڊيجيٽل معيشت، تعليم، ثقافت، سياحت ۽ نوجوانن جي مٽا سٽا ۾ سهڪار کي هٿي ڏين. مالدووا جي پرڏيهي وزير ميهائي پوپشوئي چيو ته ان جو ملڪ چين سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ”ون چائنا پاليسي“ تي مڪمل طور عمل ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن يوڪرين بحران تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته وانگ يي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين ذريعي امن قائم ڪرڻ تي زور ڀريو.












