باڪو -22 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني آبادڪاري پروگرام (يو اين هيبي ٽاٽ) جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر اناڪلاڊيار اسباخ چيو آهي ته چين جو سبز، جامع ۽ اسمارٽ ترقي جو تجربو عالمي ڏکڻ (گلوبل سائوٿ) جي ملڪن لاءِ اهم سبق فراهم ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ منعقد 13 هين ورلڊ اربن فورم جي هڪ نيٽ ورڪنگ ايونٽ کي خطاب ڪندي چيو ته …
چين جو شهري ترقي جو تجربو اسرندڙ ملڪن لاءِ قدر جوڳو مثال آهي: گڏيل قومون
باڪو -22 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني آبادڪاري پروگرام (يو اين هيبي ٽاٽ) جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر اناڪلاڊيار اسباخ چيو آهي ته چين جو سبز، جامع ۽ اسمارٽ ترقي جو تجربو عالمي ڏکڻ (گلوبل سائوٿ) جي ملڪن لاءِ اهم سبق فراهم ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ منعقد 13 هين ورلڊ اربن فورم جي هڪ نيٽ ورڪنگ ايونٽ کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ تيزي سان وڌندڙ شهري چيلنجز جي حل لاءِ چين جو ماڊل ڌيان جوڳو آهي. اناڪلاڊيار اسباخ مطابق چين شهري ترقي ۾ عوامي مرڪزيت، ماحولياتي بهتري ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال ذريعي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جن ۾ سبز توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي بهتر استعمال جهڙا قدم شامل آهن. اجلاس ۾ اهو به اعلان ڪيو ويو ته 2026ع ۾ شهرن جي عالمي ڏينهن جي مرڪزي تقريب چين جي شهر فوزو ۾، صفائي جي عالمي ڏينهن جي تقريب شائوشنه ۾، جڏهن ته پائيدار ترقياتي هدفن (ايس جي ڊي) بابت عالمي ڪانفرنس شنگهائي ۾ منعقد ٿيندي.












