واشنگٽن-22 مئي (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي يوڪرين کي 10 ڪروڙ 81 لک ماليت جي ميزائل اوزارن ۽ خدمتن جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ هاڪ سسٽم لاءِ اوزارن ۽ خدمتن جي درخواست يوڪرين جي حڪومت پاران ڪئي وئي هئي. اهو ٺيڪو رياست ڪولوراڊو ۾ قائم آمريڪي ڪمپني سيرانيواڊا ڪارپوريشن کي ڏنو ويو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي دستاويز …
آمريڪا يوڪرين کي 10 ڪروڙ 81 لک ڊالر ماليت جي ميزائل اوزارن ۽ خدمتن جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي
واشنگٽن-22 مئي (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي يوڪرين کي 10 ڪروڙ 81 لک ماليت جي ميزائل اوزارن ۽ خدمتن جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ هاڪ سسٽم لاءِ اوزارن ۽ خدمتن جي درخواست يوڪرين جي حڪومت پاران ڪئي وئي هئي. اهو ٺيڪو رياست ڪولوراڊو ۾ قائم آمريڪي ڪمپني سيرانيواڊا ڪارپوريشن کي ڏنو ويو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاهدو آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي ۽ قومي سلامتي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار هوندو ۽ خطي ۾ بنيادي فوجي توازن کي تبديل نه ڪندو.












