اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته مون کي اهو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ گلوبل صمود فلوٽيلا ۾ سوار سعد ايڌي، جنهن کي اسرائيلي قابض فوج غيرقانوني طور تي حراست ۾ ورتو هو، آزاد ڪيو ويو آهي. هو ٻين حراست هيٺ انساني همدرديءَ جي ڪارڪنن …
اسرائيلي قابض فوج جي حراست هيٺ گلوبل صمود فلوٽيلا ۾ شامل سعد ايڌي کي آزاد ڪيو ويو آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته مون کي اهو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ گلوبل صمود فلوٽيلا ۾ سوار سعد ايڌي، جنهن کي اسرائيلي قابض فوج غيرقانوني طور تي حراست ۾ ورتو هو، آزاد ڪيو ويو آهي. هو ٻين حراست هيٺ انساني همدرديءَ جي ڪارڪنن سان گڏ الحمدالله حفاظت سان استنبول پهچي ويو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪيه حڪومت جو دل سان ٿورائتو آهيان جنهن سندس حفاظت سان استنبول واپسي کي يقيني بڻايو. هن چيو ته انساني همدرديءَ جي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ قابض فوج پاران ساڻس غيرانساني سلوڪ مذمت جوڳو ۽ مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي. پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي اڻٿڪ حمايت ڪندو رهيو آهي ۽ انشاءَ الله اڳتي به ڪندو رهندو.











