وزيراعظم شهباز شريف چيني هم منصب لي ڪيانگ جي دعوت تي 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو: چيني پرڏيهي وزارت

بيجنگ – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني هم منصب لي ڪيانگ جي دعوت تي 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. چيني خابرو اداري شهنوا موجب ان ڳالهه جو اعلان چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڪيو. ترجمان گوجياڪون معمول جي پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هي دورو چين ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل …

بيجنگ – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني هم منصب لي ڪيانگ جي دعوت تي 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. چيني خابرو اداري شهنوا موجب ان ڳالهه جو اعلان چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڪيو. ترجمان گوجياڪون معمول جي پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو هي دورو چين ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ اهم اعلى سطحي مٽاسٽا آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چيني هم منصب لي ڪيانگ سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. ٻنهي ملڪن جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. ترجمان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ صوبي زي جيانگ جو دورو پڻ ڪندو. گوجياڪون چيو ته چين ۽ پاڪستان بهترين دوست ۽ هر موسم جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيدار آهن. گذريل 75 سالن دوران ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن ۽ بين الرياستي لاڳاپن جو هڪ بهترين مثال قائم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تازن سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي اسٽر:ٽجڪ رهنمائي ۾ اعلى سطحي رابطا برقرار رهيا ۽ عملي تعاون ۾ مسلسل اڳڀرائي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ترقي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون. ترجمان چيو ته چين ۽ پاڪستان اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهو رابطو ۽ تعاون برقرار رکيو، گڏيل مفادن جو موثر تحفظ ڪيو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي دورو روايتي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، تعاون کي گهرو ڪرڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان گڏيل مستقبل رکندڙ برادري جي تعمير جي نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو.

مزید خبریں