اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دته خيل، اسپن وام ۽ بنون ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 23 خوارج دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن، …
صدر آصف علي زرداري پاران خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دته خيل، اسپن وام ۽ بنون ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 23 خوارج دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن، سرنگهن ۽ بنڪرن جي تباهي ۽ انتهائي گهربل خارجي دهشتگرد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ سيڪيورٽي فورسز جي موثر حڪمت عملي جو مظهر آهي. صدر چيو ته فتنه الخوارج ۽ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکيون وينديون.











