پشاور – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. خيبرپختونخواهه آفيس جي پريس سيڪريٽري پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه جي عوامي مسئلن کان آگاهه ڪيو، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي …
پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات

مزید خبریں
پشاور – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. خيبرپختونخواهه آفيس جي پريس سيڪريٽري پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه جي عوامي مسئلن کان آگاهه ڪيو، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪڻڪ جي فراهمي ۾ مشڪلاتن جي ڪري عوام مشڪلات جو شڪار آهي، سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي خيبرپختونخواهه جي عوام جو گئس جي فراهمي جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي، گئس جي فراهمي ۾ تسلسل سان هاڻي خيبرپختونخواهه ۾ سي اين جي اسٽيشن جي بندش ختم ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪڻڪ جي فراهمي جي مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ صوبي ۾ ڪڻڪ جي فراهمي جو مسئلو حل ڪري مون کي فوري طور تي آگاهه ڪري. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيبرپختونخواهه جي حقن جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.











