خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون ڪاميابي سان جاري، 23 دهشتگرد ماريا ويا

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون ڪاميابي سان جاري آهن، گذريل 48 ڪلاڪن دوران مختلف آپريشنز ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا وڌيڪ 23 دهشتگرد ماريا ويا. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز تصديق ٿيل انٽيليجنس اطلاعن جي بنياد تي خيبرپختونخواهه جي مختلف …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون ڪاميابي سان جاري آهن، گذريل 48 ڪلاڪن دوران مختلف آپريشنز ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا وڌيڪ 23 دهشتگرد ماريا ويا. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب سيڪيورٽي فورسز تصديق ٿيل انٽيليجنس اطلاعن جي بنياد تي خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن دته خيل، اسپن وام ۽ بنون جي حساس علائقن تائين ڪاررواين کي وڌائي ڇڏيو آهي. ڪاررواين دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويندڙن ۾ گهربل دهشتگرد سرغنه جان مير عرف طور ثاقب پڻ شامل آهي. دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ حڪومت کي ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ گهربل هو جنهن جي مٿان قيمت به مقرر ڪئي وئي هئي. جان مير عرف طور ثاقب سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ معصوم شهرين جي قتل سميت مختلف دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث رهيو. سيڪيورٽي فورسز مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود، ڌماڪيدار مواد ۽ تيار ٿيل ديسي ساخته بم برآمد ڪيا. جڏهن ته ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشنز دوران دهشتگردن جي استعمال هيٺ ڳجهي سرنگهن ۽ بنڪرن جي ڏکئي نيٽ ورڪ جو پڻ سراغ لڳائي انهن کي تباهه ڪيو ويو آهي. متاثر علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن لڪي ويل باقي دهشتگردن جو خاتمو ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ايپڪس ڪميٽي تحت عزم استحڪام ويزن موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي جي خلاف مهم پوري قوت سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان ٻاهرئين حمايت يافته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.

مزید خبریں