پاڪستان گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ چئن ڏينهن واري تربيتي پروگرام “ايڊوانسڊ ٽريٽي پريڪٽس: فرام سگنيچر ٽو ڊوميسٽڪ لاء” جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ چئن ڏينهن واري تربيتي پروگرام “ايڊوانسڊ ٽريٽي پريڪٽس: فرام سگنيچر ٽو ڊوميسٽڪ لاء” جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت انٽرنيشنل ميڊي ايشن اينڊ آربيٽريشن سينٽر (آءِ ميڪ) جي حصيداري سان اهو پروگرام منعقد ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آذربائيجان، بنگلاديش، چين، پاڪستان ۽ ترڪيه مان آيل شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو ۽ انهن کي مبارڪباد ڏني ۽ ڪورس دوران انهن جي فعال شرڪت کي ساراهيو. هن قانون ۽ انصاف واري وارت، آءِ ميڪ ۽ سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن دوست ملڪن جي لاءِ معاهداتي معاملن جي صلاحيت وڌائڻ تي ٻڌل اعلى معيار جي پروگرام جي ڪامياب انعقاد کي يقيني بڻايو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي قانون، گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گذريل ٻن سالن دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ ذميوار ميمبر جي طور تي پاڪستان جي تعميري ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ هڪ مستحڪم عالمي نظام قائم ڪرڻ ۾ معاهدن تي عملدرآمد ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. هن آذربائيجان، بنگلاديش، چين ۽ ترڪيه جهڙن دوست ملڪن سان پاڪستان جي مضبوط ۽ پراڻي حصيداري جو پڻ ورجاءُ ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ويا.

مزید خبریں