صدر آصف علي زرداري سان چين جي قومي عوامي ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي نائب چيئرمين سائي دافينگ جي ملاقات، اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي قومي عوامي ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي نائب چيئرمين سائي دافينگ سان ملاقات دوران چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيني وفد جي آجيان ڪندي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ چيني عوام …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي قومي عوامي ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي نائب چيئرمين سائي دافينگ سان ملاقات دوران چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيني وفد جي آجيان ڪندي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ چيني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ۽ هر موسم جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيدار آهن. هن چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ ان کي سياسي، اداراجاتي ۽ سماجي سطح تي وسيع قومي اتفاق راءِ حاصل آهي. صدر چيو ته پاڪستان صدر شي جن پنگ جي “انسانيت جي گڏيل مستقبل رکندڙ برادري” جي ويزن ۽ ان سان واڳيل قدمن جن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي، عالمي ترقياتي قدم، عالمي سلامتي قدم، عالمي تهذيبي قدم ۽ عالمي نظم ۽ ضبط قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن 25 اپريل کان پهرين مئي 2026ع تي پنهنجي تازي چين جي دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي رابطن ۽ اداراجاتي تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته هن پنهنجي ٻنهي صدارتي دورن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ذاتي طور تي فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ان موقعي کي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ان مناسبت سان يادگاري قراردادون پڻ منظور ڪيون آهن. صدر چين کي “ٻه اجلاس” جي ڪامياب انعقاد ۽ 15هين پنج سالا منصوبي جي منظوري تي مبارڪباد ڏني. هن توانائي، زراعت، صنعت، ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ سامونڊي وسيلن سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۾ وڌندڙ چيني سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي. هن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي اقتصادي تبديلي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ فيز ٽو تي هڪ منظم عملي منصوبي تحت عملدرآمد جاري آهي جنهن ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي ذريعي صنعتي ترقي، ماحول دوست توانائي منصوبن، زرعي جديدڪاري، روزگار ۽ معاشي بهتري جي قدمن ۽ بهتر رابطن تي تيزي سان ڌيان ڏنو پيو وڃي. سائي دافينگ صدر شي جن پنگ پاران صدر آصف علي زرداري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان چين دوستي جي فروغ جي لاءِ صدر ۽ سندس خاندان جي پراڻي حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جون تقريبون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته صدر شي جن پنگ ۽ صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ان موقعي تي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پاڪستان چين پارلياماني دوستي گروپ جي ڪنوينر رومينه خورشيد عالم پڻ شريڪ هئا. چيني وفد ۾ پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائيڊونگ، قومي عوامي ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو نائب سيڪريٽري جنرل زانگ شن من، قومي عوامي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جو نائب چيئرپرسن وانگ ڪي، قومي عوامي ڪانگريس جي مالياتي ۽ اقتصادي معاملن واري ڪميٽي جو ميمبر سائي جن منگ، پرڏيهي وزارت مان سفير يوي شياو يونگ ۽ قومي عوامي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو نائب ڊائريڪٽر جنرل شين زي اي شامل هئا.

مزید خبریں