لاهور-21 مئي (اي پي پي)پاڪستان ريلويز عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مسافرن جي واڌو آمدرفت کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي مختلف شهرن وچ ۾ 3 خصوصي ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن عوام کي بهتر، محفوظ ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. پاڪستان ريلويز جي ترجمان موجب پهرين خصوصي ٽرين 24 مئي تي ڪوئيٽا کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي، ٻي خصوصي ٽرين ساڳي ڏينهن ڪراچي سٽي کان …
پاڪستان ريلويز طرفان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 3 خصوصي ٽرينون هلائڻ جو اعلان

مزید خبریں
لاهور-21 مئي (اي پي پي)پاڪستان ريلويز عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مسافرن جي واڌو آمدرفت کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي مختلف شهرن وچ ۾ 3 خصوصي ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن عوام کي بهتر، محفوظ ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. پاڪستان ريلويز جي ترجمان موجب پهرين خصوصي ٽرين 24 مئي تي ڪوئيٽا کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي، ٻي خصوصي ٽرين ساڳي ڏينهن ڪراچي سٽي کان راولپنڊي جڏهن ته ٽئين خصوصي ٽرين 25 مئي تي ڪراچي ڪينٽ کان لاهور لاءِ روانو ٿيندي. خصوصي ٽرينون ملتان، ساهيوال، لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا، روهڙي، بهاولپور، خانپور، جهلم ۽ ٻين اهم اسٽيشنن تان گذرينديون ته جيئن سڄي ملڪ مان وڌ کان وڌ مسافرن کي سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. خصوصي ٽرينن ۾ اڪنامي ڪلاس ڪوچز ۽ پاور وين شامل هونديون ته جيئن عيد جي رش دوران وڌيڪ انگ ۾ مسافرن کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.










