اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ڪالهه انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 278 روپيا 55 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ …
انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ڪالهه انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 278 روپيا 55 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 74 روپيا 23 پئسا جڏهن ته بحريني دينار جو قدر 738 روپيا 66 پئسا رهيو. اهڙي طرح عماني ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ قدر 723 روپيا 50 پئسا رهيو، ڪويتي دينار جو قدر 907 روپيا 92 پئسا ۽ قطري ريال جو قدر 76 روپيا 41 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر خريد جي قيمت 279 روپيا ۽ وڪري جي قيمت 279 روپيا 60 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.










