صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان جي چين جي “ون چائنا پاليسي” جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان پاران چين جي “ون چائنا پاليسي” جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ معاشي ترقي جي حوالي سان چين جي مسلسل حمايت کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين سدائين ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي ۽ منصفاڻي موقف جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان پاران چين جي “ون چائنا پاليسي” جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ معاشي ترقي جي حوالي سان چين جي مسلسل حمايت کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين سدائين ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي ۽ منصفاڻي موقف جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان ۽ چين عالمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام، ترقي ۽ گهڻ رخي نظام جي حمايت جاري رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي سلسلي ۾ منعقد هڪ شاندار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي نائب چيئرمين، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، چين جي سفير جيانگ زيڊونگ سميت اعلى سفارتڪارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ۽ مثالي دوستي کي ڀرپور انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري تقريب کي خطاب ڪندي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران چين جي قيادت ۽ عوام خاص طور تي چين جي صدر شي جن پنگ کي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، بنيادي ڍانچي، ٽيڪنالاجي، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي. صدر پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75 سالا تقريبن جي انعقاد ۽ گڏيل تقريب جي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته هن تقريب جو انعقاد پاڪ – چين دوستي جي عڪاس آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل احترام تي ٻڌل جنهن سفر جي شروعات ڪئي جيڪا دوستي سان گڏوگڏ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون ۽ پارٽنرشپ تي قائم آهي، پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جو خيال رکيو آهي. صدر چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي هن خصوصي آجياڻي ۾ توهان سان شريڪ آهيان. هن نائب چيئرمين ڪائي ڊافينگ ۽ چيني وفد جي شاندار آجيان ڪندي چيو ته توهان جي اڄ هتي موجودگي هن تاريخي موقعي کي غيرمعمولي اهميت ڏي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي مضبوطي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته 75 سال اڳ ٻنهي قومن گڏيل احترام ۽ گڏيل خواهشن تي ٻڌل هڪ سفر جي شروعات ڪئي هئي، اڄ اهو سفر هڪ منفرد هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ۾ بدلجي چڪو آهي. صدر چيو ته ان سنگ ميل تي اسان ان شاندار تاريخ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو ۽ هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جو مڪمل يڪجهتي سان تحفظ ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان جو تعاون واپار، سيڙپڪاري، بنيادي ڍانچي جي ترقي، دفاع، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت، تعليم، ثقافت ۽ عوامي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن تي ٻڌل آهي. صدر چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي جنهن کي پاڪستان ۾ عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي سطح تي مڪمل حمايت حاصل آهي، انهي جي ڪري اهو تعلق نسل در نسل ۽ مختلف حڪومتن جي باوجود تسلسل سان اڳتي وڌندو رهيو آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي بصيرت افروز قيادت ۽ اڻٿڪ عزم پاڪستان – چين لاڳاپن کي غيرمعمولي بلندين تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي مختلف قدمن ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ جيل اءِ مسلسل حمايت گڏيل خوشحالي ۽ علائقائي استحڪام جا نوان رستا کوليا آهن. صدر چيو ته صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جديديت، جدت، غربت جي خاتمي ۽ قومي سُڃاڻپ جي ميدانن ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي. پاڪستان چين جي عالمي امن ۽ ترقي جي فروغ ۾ تعميري ڪردار خاص طور تي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل سويلائيزيشن انيشي ايٽو ۽ گلوبل گورننس انيشي ايٽو جهڙن قدمن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پنهنجي اڳوڻي صدارتي مدي دوران مون چين جا 14 دورا ڪيا ته جيئن ان جي ترقي ۽ اڳڀرائي کي بهتر طور تي سمجهي سگهان جيڪو بعد ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو بنياد بڻيو. هن چيو ته سي پيڪ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون جو هڪ سنگ ميل منصوبو آهي ۽ رابطي، خوشحالي ۽ جامع ترقي جي اسان جي گڏيل ويزن جو روشن مثال آهي، اهو منصوبو پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ خطي ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته چين جي لاءِ منهنجي عقيدت ۽ احترام مسلسل وڌندو پيو وڃي، 2025ع ۾ مون چين جا ٻه دورا ڪيا ۽ هن سال اپريل ۾ به چين ويس جتي مون هنان ۽ هائينان صوبن جي قيادت سان ملاقات ڪئي، ڪاروباري ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شاوشان ۾ چيئرمين مائوزي جي پيدائش واري جڳهه ۽ اباڻي شهر جو دورو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ معاشي ترقي جي حوالي سان چين جي مسلسل حمايت کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين سدائين ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي ۽ منصفاڻي موقف جي حمايت ڪئي آهي، اهڙي طرح پاڪستان “ون چائنا پاليسي” تي مڪمل طور تي قائم آهي ۽ چين جي بنيادي قومي مفادن بابت معاملن تي ان جي حمايت جاري رکي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين امن، استحڪام، گهڻ رخي نظام ۽ سڀني جي ترقي جي فروغ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکيو آهي، ٻئي ملڪ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جا پابند آهن ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ گڏيل احترام جي وڪالت ڪن ٿا. هن چيو ته هن تاريخي موقعي تي اچو اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته اسان ان مضبوط دوستي کي ايندڙ نسلن جي فائدي لاءِ وڌيڪ بلنديون عطا ڪنداسين. صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ چين جي حڪومتن ۽ عوام کي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آئون ٻنهي ملڪن جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪريان ٿو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين يوم تاسيس جي مناسبت سان پاڪستان جي دوري تي آيل چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وائيس چيئرمين ڪائي ڊافينگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چين ۽ پاڪستان سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن 21 مئي 1951ع تي  باقاعده سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، اهڙي طرح پاڪستان چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ بڻجي ويو. هن چين جي حمايت تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي وقار جي حمايت ڪري ٿو. هن پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته چين ۽ پاڪستان تعليم، زراعت، مائننگ، صنعتن، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، ميڊيا ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائيندا. هن چيو ته چين دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ۽ هو پاڪستان سان اسٽريٽجڪ تعاون جاري رکندو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ 2015ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ 2018ع ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان اڳتي به گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. عالمي سطح تي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل ڪوششن جي ذريعي خواب کي حقيقت ۾ بدلائي سگهن ٿا. تقريب جي موقعي تي منعقد هڪ خصوصي تصويري نمائش ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي، يڪجهتي ۽ گڏيل ڪاميابين جون يادگار جهلڪيون پيش ڪيون ويون جنهن ٻنهي ملڪن جي گهري لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ چين جي قومي ترانن سان ٿي. صدر ان موقعي تي هڪ خصوصي ٽپال جي ٽِڪلي جي نقاب ڪشائي پڻ ڪئي. تقريب دوران صدر وزيراعظم، چين مان آيل مهمانن ۽ چيني سفير سان گڏ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين سان تعلق رکندڙ هڪ رنگارنگ شو پڻ پيش ڪيو ويو.

مزید خبریں