چين پاڪستان جو سڀ کان اعتماد جوڳو دوست آهي، دنيا ۾ ٻنهي ملڪن جي دوستي هڪ منفرد مثال ۽ وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين کي پاڪستان جو سڀ کان اعتماد جوڳو دوست قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ ٻنهي ملڪن جي دوستي هڪ منفرد مثال ۽ وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين جي اقتصادي ۽ فوجي قوت دنيا جي لاءِ مثال آهي، سي پيڪ 2.0 ۾ زراعت، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ترجيح …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين کي پاڪستان جو سڀ کان اعتماد جوڳو دوست قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ ٻنهي ملڪن جي دوستي هڪ منفرد مثال ۽ وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين جي اقتصادي ۽ فوجي قوت دنيا جي لاءِ مثال آهي، سي پيڪ 2.0 ۾ زراعت، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ترجيح آهن، گڏيل ڪوششن سان ترقي جو رستو طئي ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين پاڪستان جي چ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزير، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبر، پاڪستان ۾ چين جي سفير کانسواءِ چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ جو وائيس چيئرمين پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چيني ڀائرن جي تقريب ۾ موجودگي خوشي جوڳي آهي. هن سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه تي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ۽ چيني قيادت کي دلي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته پاڪستان سڀ کان پهريون مسلمان ملڪ ۽ دنيا جي اولين ملڪن ۾ شامل هو جنهن چين کي تسليم ڪيو، 75 سال اڳ اسان جي بانين انهن لاڳاپن جو بنياد رکيو، ان کانپوءِ اسان واپس پٺتي نه ڏٺو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ منفرد مثال رکندڙ پاڪستان – چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، زلزلي، ٻوڏ سميت ڪنهن به مشڪل ۾ چين پاڪستان سان جبل وانگر بيٺل رهيو، ڪا به آفت هجي، چين اسان جو بي مثال ساٿ ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ پهرين اڏام جيڪا بيجنگ ايئرپورٽ تي لٿي اها پاڪستاني هئي، اسان هنري ڪسنجر جي دوري جو بندوبست ڪيو، پاڪستان سدائين ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ ٻنهي ملڪن جي دوستي مضبوط کان مضبوط تر ٿي، گڏيل مقصدن ۽ سوچ جي بنياد تي ٻئي ملڪ ويجهي کان ويجهو تر ٿيندا ويا، تعاون جي نتيجي ۾ نه رڳو ٻنهي ملڪن پر خطي ۾ به امن ۽ ترقي ايندي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ ويزن جو عملي مظهر آهي، سي پيڪ پاڪستان جي معيشت ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته 2010ع جي ٻوڏ هجي يا ڪا به آفت، چين بي مثال ساٿ ڏنو، چين اولين ملڪن ۾ شامل هو جنهن هيلي ڪاپٽرز، دوائن، ماهرن سان گڏ اسان جي مدد ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني عوام هر مشڪل وقت ۾ چين جي تعاون کي ساراهيو، اسان انهن جي مدد ۽ مهرباني وساري نٿا سگهون. وزيراعظم چيو ته چيني صدر گهڻ رخي نظام جي فروغ ۽ سفارتڪاري ۽ پرامن ڳالهه ٻولهه جي ذريعي تڪرارن جي حل تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته خطي جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان امن جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٻين ملڪن سان گڏ چين پاڪستان جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ڪنهن سياسي مفاد کانسواءِ اسان جي هڪ ٻئي جي حمايت جي ڊگهي تاريخ آهي، پاڪ – چين دوستي سمنڊ کان گهري، هماليه کان اونچي ۽ ماکيءَ کان مٺي آهي، گڏيل ڪوششن سان ترقي جو رستو طئي ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ پاور پلانٽس ڊيمز جيڪي اسان جي لاءِ روشني ۽ توانائي جو ذريعو آهن، ۾ به چين جو وڏو ڪردار آهي. چين پاڪستان جو سڀ کان مضبوط ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي. تاريخدان اسان جي دوستي جي گهرائي ۽ طاقت جو فيصلو ڪندا، اسان جو اهو سفر جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته وقت جي هر آزمائش تي پورو لهندڙ حصيداري ۾ ٻنهي ملڪن هڪ جهڙي شرڪت ڪئي آهي. جڏهن به چين جي دوري جو موقعو ملي ٿو هر ٻار اتي نوان شهر ۽ صنعتون اڀرندي ڏسي ٿو. صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، اڄ چين جي اقتصادي ۽ فوجي قوت دنيا جي لاءِ مثال آهي. هن چيو ته زراعت ۾ جدت جي لاءِ چين پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي، هڪ هزار پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس چين ۾ جديد تربيت مڪمل ڪئي، سي پيڪ 2.0 ۾ زراعت، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جو شعبو ترجيح آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اهو چئلينج به آهي ۽ موقعو به، چيني تعاون سان ان کي موقعي ۾ بدلائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سلامتي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ موجود هر  چيني شهري کي بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي. هن صدر آصف علي زرداري جي تازي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هو ۽ آئون پاڪ چين دوستي جا پرجوش حامي آهيون، پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام چين کي سڀ کان اعتماد جوڳو دوست سمجهي ٿي. هن چيو ته صدر زرداري وانگر منهنجو چين جو دورو پڻ لاڳاپن کي سگهه بخشيندو، دوري دوران چيني قيادت سان ملاقاتون ٿينديون، دهشتگردي جي خلاف تعاون کي مضبوط بڻائينداسين ۽ سيڪيورٽي قدمن کي بهتر ڪنداسين. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته چين جو صدر شي جن پنگ جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.

مزید خبریں