پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي بهادري ۽ نمايان خدمتن تي 50 ستاره امتياز (ملٽري) ۽ 12 تمغه بسالت سان نوازيو ويو

راولپنڊي-21 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي آپريشنز ۾ غير معمولي بهادري  ۽ وطن لاءِ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ 50 ستاره امتياز (ملٽري) ۽ 12 تمغه بسالت سان نوازيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي عسڪري اعزاز ڏيڻ واري تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف …

راولپنڊي-21 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي آپريشنز ۾ غير معمولي بهادري  ۽ وطن لاءِ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ 50 ستاره امتياز (ملٽري) ۽ 12 تمغه بسالت سان نوازيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي عسڪري اعزاز ڏيڻ واري تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خاص مهمان طور شهيدن جي ڪٽنبن، آفيسرن ۽ جوانن کي آپريشنز ۾ غير معمولي بهادري ۽ وطن جي دفاع لاءِ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز سان نوازيو. تقريب ۾ 50 ستاره امتياز (ملٽري) ۽ 12 تمغه بسالت عطا ڪيا ويا. بعد ۾ شهادت کانپوءِ ملندڙ اعزاز شهيدن جي ڪٽنبن فخر ۽ وقار سان وصول ڪيا. شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي فيلڊ مارسل سيد عاصم منير چيو ته شهيد ۽ غازي قوم جو دائمي فخر آهن انهن جي عزت ۽ قرباني هر پاڪستاني لاءِ هڪ مقدس امانت آهي. اسان جي وطن جو امن ۽ سلامتي انهن جي عظيم قربانين ۽ فرض شناسي جو نتيجو آهي. فيلڊ مارشل شهيدن جي ڪٽنبن جي استقامت، وقار ۽ ثابت قدمي کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي بي مثال قربانين ۽ وطن لاءِ پختي وابستگي کي ساراهيو. پاڪ آرمي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشنل تياري ۽ پختي عزم کي ساراهيندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير دهشتگردن خلاف انهن جي مسلسل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ ان عزم کي ورجايو ته سڄي ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي حاصلات تائين دهشتگردي خلاف جنگ قومي عزم سان جاري رهندي.

مزید خبریں