پاڪ چين دوستي گڏيل اعتماد، اخلاص، تعاون ۽ احترام جي بي مثال علامت آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪ چين دوستي گڏيل اعتماد، اخلاص، تعاون ۽ احترام جي بي مثال علامت آهي، پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ مثالي لاڳاپن جو عظيم سنگ ميل آهي. پاڪ چين دوستي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين …

اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪ چين دوستي گڏيل اعتماد، اخلاص، تعاون ۽ احترام جي بي مثال علامت آهي، پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ مثالي لاڳاپن جو عظيم سنگ ميل آهي. پاڪ چين دوستي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه تي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ چيني صدر شي جن پنگ، چيئرمين اين پي سي زائولي جي، اين پي سي ۽ چيني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيداري تي ٻڌل دوستي دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان کي چين سان هر آزمائش ۾ پورو لهندڙ دوستي تي فخر آهي چين هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ڀروسي جوڳو دوست ۽ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيدار رهيو آهي. پاڪستان ۽  چين هميشه هر عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارم تي هڪٻئي جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. معيشت، واپار، تعليم، زراعت، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي سميت هر شعبي ۾ پاڪ چين تعاون نئين بلندين کي ڇُهي رهيو آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار ترقي، اقتصادي استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جو روشن مثال آهي. پاڪستان ۽ چين علائقائي امن، ترقي ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هميشه هڪجهڙو موقف رکندڙ رهيا آهن. پاڪ چين لازوال دوستي هر گذرندڙ ڏينهن وڌيڪ گهري، مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ايندڙ نسلن لاءِ به امن، خوشحالي ۽ ترقي جو روشن باب ثابت ٿيندا. ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل محبت ۽ اعتماد دوستي جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي رهندي.

مزید خبریں