حج آپريشن آخري مرحلي ۾ داخل، وڌيڪ 10 اڏامن سان پاڪستان مان فلائيٽ آپريشن مڪمل ٿي ويندو

اسلام آباد - 21 مئي (اي پي پي)پاڪستان مان سرڪاري اسڪيم تحت حج پانڌيئڙن جي ڀلي پار آمد جو سلسلو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، هيستائين روٽ ٽو مڪه ۽ ٻين اڏامن ذريعي هڪ لک 14 هزار 78 حج پانڌيئڙا 96 سيڪڙو پهچي چڪا آهن. گذريل رات تائين وڌيڪ 10 اڏامن ذريعي 4 سيڪڙو 4756 حج پانڌيئڙن جي آمد سان پاڪستان مان مڪه مڪرمه لاءِ فلائيٽ آپريشن مڪمل ٿي …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي)پاڪستان مان سرڪاري اسڪيم تحت حج پانڌيئڙن جي ڀلي پار آمد جو سلسلو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، هيستائين روٽ ٽو مڪه ۽ ٻين اڏامن ذريعي هڪ لک 14 هزار 78 حج پانڌيئڙا 96 سيڪڙو پهچي چڪا آهن. گذريل رات تائين وڌيڪ 10 اڏامن ذريعي 4 سيڪڙو 4756 حج پانڌيئڙن جي آمد سان پاڪستان مان مڪه مڪرمه لاءِ فلائيٽ آپريشن مڪمل ٿي ويندو. مدينه منوره پهتل سمورن حج پانڌيئڙن کي به مڪه مڪرمه منتقل ڪيو ويو آهي. هن وقت 114078 حج پانڌيئڙا مڪي مڪرمه ۾ موجود آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ موجب حاجين جي سهولت لاءِ سعودي عرب ۾ 1520 سرڪاري ويلفيئر آفيسر ۽ عملو، 947 مقامي خادم 24 ڪلاڪ فرض ادا ڪري رهيا آهن. حاجين جي اچ وڃ لاءِ 490 بسون موجود آهن، پاڪستان حج مشن موجب هيستائين 23823 پانڌيئڙن کي حرم شريف جي رستن لاءِ گائيڊ ڪيو ويو ، جڏهن ته 42858 حج پانڌيئڙا مدينه منوره ۾ رياض الجنه جي زيارت جو شرف حاصل ڪري چڪا آهن. ترجمان موجب طبي خدمت تحت مڪي  ۽ مديني جي مشن ڪلينڪس ۾ هيستائين 86924 مريضن کي او پي ڊي طبي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ شڪايت سيل ۽ ٻيا لاڳاپيل شعبا پوري ريت فعال آهن. پانڌيئڙن جي رهائش، کاڌي ۽ ٽرانسپورٽ بابت مليل 2118 شڪايتن مان 1629 کي جلد حل ڪيو ويو جڏهن ته گم ٿيل سامان ۽ وهيل چيئرز جي 6845 شڪايتن مان 6820 شيون مالڪن کي واپس ڪيون ويون آهن.

مزید خبریں