سپريم ڪورٽ حج ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي، اڳوڻي ڊي جي حج رائو شڪيل ۽ اڳوڻي جي ايس آفتاب راجا جي بريت خلاف داخل اپيلون خارج ڪري ڇڏيون

اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حج ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي، اڳوڻي ڊي جي حج رائو شڪيل ۽ اڳوڻي جوائنٽ سيڪريٽري آفتاب راجا جي بريت خلاف داخل اپيلون خارج ڪري ڇڏيون آهن. ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ  ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٽرائيل ڪورٽ ٽنهي …

اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حج ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي، اڳوڻي ڊي جي حج رائو شڪيل ۽ اڳوڻي جوائنٽ سيڪريٽري آفتاب راجا جي بريت خلاف داخل اپيلون خارج ڪري ڇڏيون آهن. ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ  ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٽرائيل ڪورٽ ٽنهي جوابدارن کي سزائون ٻڌايون هيون، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ بعد ۾ کين بري ڪري ڇڏيو هو، هن فيصلي خلاف وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون هيون. ٻڌڻي دوران جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ رمارڪس ڏنا ته جوابدار هاڻ پوڙها ٿي چڪا آهن، وڪيل لطيف کوسا عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪيس جو چوٿون جوابدار احمد فيض اڳ ئي بري ٿي چڪو آهي، سپريم ڪورٽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جي بريت واري فيصلي خلاف ايف آءِ اي جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون.

مزید خبریں