اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته نوجوانن جي شموليت کانسواءِ قومي ترقي جو خواب سانڀيان نٿو ٿي سگهي، وفاقي ۽ صوبائي تعليمي ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻايا وڃن. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ ايس ڊي جيز پارلياماني ٽاسڪ فورس جي انتظام هيٺ ”هم هين پاڪستان“ جي عنوان سان ايس ڊي جيز يوٿ ڪيمپين/ٽريننگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب …
نوجوانن جي شموليت کانسواءِ قومي ترقي جو خواب سانڀيان نٿو ٿي سگهي، وفاقي ۽ صوبائي تعليمي ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻايا وڃن: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته نوجوانن جي شموليت کانسواءِ قومي ترقي جو خواب سانڀيان نٿو ٿي سگهي، وفاقي ۽ صوبائي تعليمي ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻايا وڃن. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ ايس ڊي جيز پارلياماني ٽاسڪ فورس جي انتظام هيٺ ”هم هين پاڪستان“ جي عنوان سان ايس ڊي جيز يوٿ ڪيمپين/ٽريننگ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، تعليمي ماهرن، ترقياتي حصيدارن، شاگردن ۽ مختلف ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن تقريب جو مقصد قومي ترقي ۾ نوجوانن جي شموليت ۽ پائيدار هدف (ايس ڊي جيز) بابت آگاهي کي هٿي ڏيڻ هو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پارلياماني عمل جمهوري طرز حڪمراني ۽ پائيدار ترقي ۾ نوجوانن جي شموليت اڻٽر آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ قائم ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) کي قومي پاليسين ۾ شامل ڪرڻ، وفاقي ۽ صوبائي قانونساز ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ پائيدار ترقي جي هدفن کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته سمورن صوبن ۾ قانون جي هڪجهڙي ۽ اداره جاتي ترقي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي صوبائي قانونساز ادارن کي مختلف پارلياماني ڪاڪسز جن ۾ ويمن ڪاڪس ۽ چائلڊ رائيٽس ڪاڪس شامل آهن، جي قيام جي تربيت فراهم ڪئي آهي، جيڪي هاڻي سمورن صوبائي اسيمبلي ۾ فعال آهن. اسپيڪر 2024ع جي اسپيڪرز ڪانفرنس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ڪانفرنس سڄي ملڪ جي صوبائي اسيمبلين ۽ قانونساز ادارن وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وفاقي يونيورسٽين ۽ صوبائي تعليمي ادارن وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن تحقيق، نوجوانن جي شموليت ۽ رضاڪاراڻي خدمتن کي هٿي ڏئي سگهجي. هن شاگردن، ريسرچ ايسوسيئيٽس ۽ نوجوان رضاڪارن تي قومي ترقي ۽ پائيدار اڳڀرائي ۾ فعال ڪردارا دا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب جي نوجوانن جي فلاح ۽ بهبود تي ٻڌل ايس ڊي جيز قدمن کي فعال ۽ موثر بڻائڻ جي ڪوششن کي به ساراهيو.










