پاڪستان ريلويز پاران ملازمن جي سالن کان التوا هيٺ ادائيگين جي شروعات

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان ريلويز ملازمن جي سالن کان التوا هيٺ ادائيگين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ان مقصد لاءِ ڪلاس فور ملازمن جي 8 سالن کان ادائگي جوڳي ٽريولنگ الائونس جي ادائگي لاءِ 7 ڪروڙ روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. ريلوي واري وزارت جي ميڊيا آفيس مطابق ريلوي ڪنٽريڪٽرز کي به 29 ڪروڙ روپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي. پاڪستان ريلويز ملازمن جي پگهارن جا چيڪس …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان ريلويز ملازمن جي سالن کان التوا هيٺ ادائيگين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ان مقصد لاءِ ڪلاس فور ملازمن جي 8 سالن کان ادائگي جوڳي ٽريولنگ الائونس جي ادائگي لاءِ 7 ڪروڙ روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. ريلوي واري وزارت جي ميڊيا آفيس مطابق ريلوي ڪنٽريڪٽرز کي به 29 ڪروڙ روپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي. پاڪستان ريلويز ملازمن جي پگهارن جا چيڪس به اڳواٽ ئي اسٽيٽ بئنڪ کي موڪلي ڇڏيا آهن ته جيئن وقت سر ادائيگي يقيني بڻائي سگهجي. اختيارين مطابق اهي قدم اداري ۾ مالي نظم و ضبط ۽ انتظامي بهتري ڏانهن اهم اڳڀرائي قرار ڏنا پيا وڃن. ادائيگين جي شروعات تي ملازمن ۾ خوشي ڇائنجي وئي آهي ۽ هنن ريلوي جي وفاقي وزير جي حق ۾ نعرا لڳايا. ان موقعي تي ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان ريلويز مالي خودمختياري ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ مالي سڌارن ذريعي اداري کي مستحڪم بڻائڻ جي مشن تي عمل جاري آهي. هن چيو ته وقت سر ادائيگيون ۽ مالي استحڪام ريلوي ۾ بهتر نظم ۽ ضبط جي علامت آهن جڏهن ته انهن قدمن سان آپريشنل نظام ۾ اعتماد جي بحالي ۾ به مدد ملندي.

مزید خبریں