اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 5 هزار روپين جي واڌ سان في تولو 4 لک 75 هزار 362 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت 5 هزار روپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 75 هزار 362 روپيا ٿي ويو. 24 قيراط 10 گرام سون جي قيمت 4 هزار 287 روپين …
سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 5 هزار روپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 5 هزار روپين جي واڌ سان في تولو 4 لک 75 هزار 362 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت 5 هزار روپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 75 هزار 362 روپيا ٿي ويو. 24 قيراط 10 گرام سون جي قيمت 4 هزار 287 روپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 3 هزار 259 روپين کان وڌي 4 لک 7 هزار 546 روپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 69 هزار 667 روپين کان وڌي 3 لک 73 هزار 597 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافا جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته في تولو چاندي جي قيمت 60 روپين جي واڌ کانپوءِ 8 هزار 34 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 51 روپيا واڌ کانپوءِ 6 هزار 887 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4 هزار 4480 ڊالرن کان وڌي 4 هزار 530 ڊالر ٿي وئي.










