ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 99 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 70 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 50 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 50 هزار 700 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد هڪ لک 25 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 25 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 43 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 29  هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 11 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 99 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 70 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 50 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 50 هزار 700 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد هڪ لک 25 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 25 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 43 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 29  هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 11 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1452.00 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.076 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1165.25 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.354 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 643.70 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.104 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں