پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: ريلوي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد -21 مئي(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگره جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ _ چين دوستي گڏيل اعتماد ۽ هر آزمائش ۾ ساٿ ڏيڻ جو بهترين مثال آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ …

اسلام آباد -21 مئي(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگره جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ _ چين دوستي گڏيل اعتماد ۽ هر آزمائش ۾ ساٿ ڏيڻ جو بهترين مثال آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا رڳو سفارتي رابطن تائين محدود ناهن پر عوامي محبت، اعتماد ۽ گڏيل حصيداري تي ٻڌل مضبوط رشتن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته چين هميشه پاڪستان جي خودمختياري، استحڪام ۽ قومي ترقي ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ جي اڳواڻي ۾ چين ترقي، جدت ۽ معاشي استحڪام جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته عالمي امن جي ترقي ۽ پائيدار خوشحالي لاءِ چين جي ڪوششون دنيا لاءِ مثبت مثال آهن. محمد حنيف عباسي چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري پاڪستان ۾ معاشي سرگرمين، صنعتي ترقي ۽ جديد انفرااسٽرڪچر کي هٿي ڏيڻ جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي . هن چيو ته پاڪ چين سهڪار سان واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي رابطي جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.هن چيو ته چين جي سهڪار ۽ ٽرانسفر آف ٽيڪنالاجي تحت پاڪستان ريلويز جي ڪيرج فيڪٽري ۾ جديد طرز جون بوگيون تيار ڪيون پيون وڃن ۽ پاڪستان ريلويز ۾ جديد بوگين جي مقامي تياري پاڪ چين صنعتي تعاون ۽ مضبوط حصيداري جو عملي ثبوت آهي. وفاقي وزير موجب پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستي مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ نتيجي جوڳي ثابت ٿيندي جڏهن ته پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪ چين دوستي نئين نسل لاءِ ترقي، اعتماد ۽ گڏيل خوشحالي جو روشن پيغام آهي.

مزید خبریں