اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ پاڪ چين دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سميت پارلياماني معاملن واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير جهنڊو ڦڙڪايو ۽ وزارت جي اڱڻ ۾ يادگاري ٻوٽو لڳايو. اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن جهنڊو ڦڙڪائڻ …
پاڪ چين دوستي خطي جي امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي: وفاقي وزير طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ پاڪ چين دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سميت پارلياماني معاملن واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير جهنڊو ڦڙڪايو ۽ وزارت جي اڱڻ ۾ يادگاري ٻوٽو لڳايو. اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن جهنڊو ڦڙڪائڻ جي وقت سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ڳالهائيندي پاڪ چين دوستي کي بي مثال قرار ڏنو ۽ چيو ته چين هميشه مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. پاڪستان چين سان واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. چين پاڪستان جو اعتماد جوڳو ۽ مخلص دوست آهي. پاڪ چين اقتصادي تعاون خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جو روشن مثال آهي. پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا نيون معاشي راهون کولي رهيا آهن. پاڪ چين لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. پاڪستان ۽ چين هر شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. پاڪ چين دوستي خطي جي امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي. چين جي ترقي پاڪستان لاءِ به خوشحالي جو پيغام آهي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪ چين دوستي کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪ چين لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل تعاون کي نئون رخ ڏئي رهي آهي، پاڪستان ۽ چين جي حصيداري ترقي ۽ استحڪام جي علامت آهي. ان موقعي تي تقريب جي شرڪت ڪندڙن پاڪ چين دوستي زنده باد جا نعرا به هنيا.










