آئيني عدالت نجي پيٽروليم ڪمپني کي سبسڊي ادائيگي جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت پاڪستان پيٽروليم بحران دوران نجي ڪمپنين کي ملندڙ سبسڊي بابت اهم ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي وفاق جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ٻنهي ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس علي باقر نجفي تي …

اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت پاڪستان پيٽروليم بحران دوران نجي ڪمپنين کي ملندڙ سبسڊي بابت اهم ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي وفاق جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ٻنهي ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس علي باقر نجفي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ نجي پيٽروليم ڪمپني کي هڪ هفتي اندر اربين روپين جي سبسڊي جي مد ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته هڪ ٻي ڪيس ۾ وفاقي تحقيقاتي اداري کي معاملي تي فيصلو ڪرڻ کان به روڪيو ويو هو. وفاقي حڪومت موجب پيٽروليم بحران دوران قيمتن جي فرق کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ڪمپنين کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جڏهن ته نجي ڪمپني حڪومت کان اٽڪل 14 ارب روپين جي سبسڊي ڪليم جو مطالبو ڪيو. حڪومت بعد ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۽ دعوائن جي جاچ پڙتال لاءِ ايف آءِ اي جي جاچ جي هدايت ڪئي هئي، آئيني عدالت هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد معطل ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں