اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ بابت وفاقي قيصر احمد شيخ کي ڪامن ويلٿ اينڊ انويسٽمينٽ ڪائونسل (سي ڊبليو اي آءِ سي) جي چيئرمين پاران تعريفي خط مليو آهي، جنهن ۾ لنڊن سمٽ ۾ ان جي اثرائتي شرڪت ۽ پاڪستان جي هاڪاري نمائندگي کي ساراهيو ويو آهي. سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري بيان مطابق سي ڊبليو اي آءِ سي پاڪستان کي اسٽريٽجڪ حصيدار بڻجڻ جي باضابطه دعوت …
لنڊن سمٽ ۾ پاڪستان جي اثرائتي نمائندگي، قيصر احمد شيخ کي عالمي سطح تي خراج تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ بابت وفاقي قيصر احمد شيخ کي ڪامن ويلٿ اينڊ انويسٽمينٽ ڪائونسل (سي ڊبليو اي آءِ سي) جي چيئرمين پاران تعريفي خط مليو آهي، جنهن ۾ لنڊن سمٽ ۾ ان جي اثرائتي شرڪت ۽ پاڪستان جي هاڪاري نمائندگي کي ساراهيو ويو آهي. سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري بيان مطابق سي ڊبليو اي آءِ سي پاڪستان کي اسٽريٽجڪ حصيدار بڻجڻ جي باضابطه دعوت ڏيندي پاڪستان سان ڪامن ويلٿ ملڪن جي سطح تي واپاري ۽ سيڙپڪاري سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. خط ۾ پاڪستان ۾ سي ڊبليو اي آءِ سي حب آفيس قائم ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ انويسٽمينٽ سمٽ منعقد ڪرڻ جي آڇ به سامهون آئي آهي. تعريفي خط ۾ پاڪستان جي معيشت، سيڙپڪاري لاءِ هڪ اهم مرڪز بڻجي اڀري رهيو آهي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ڪاروباري ماحول ۾ بهتري ۽ عالمي شراڪتداريون قائم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم جاري آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو رهندو.










