پاڪستان ۾ ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، اڪيڊميا، طبي ماهرن  ۽ معاشري کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو:مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ

اسلام آباد-21 مئي(اي پي پي) صحت بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهني صحت تيزي سان وڌنڌڙ مسئلو بڻجي چڪي آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، اڪيڊيميا، طبي ماهرن ۽ معاشري کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ذهني صحت، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي وڌنڌڙ استعمال جي معاشرتي اثرن جي حوالي سان منعقد سيمپوزيم کي خطاب دوران ڪيو. …

اسلام آباد-21 مئي(اي پي پي) صحت بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ذهني صحت تيزي سان وڌنڌڙ مسئلو بڻجي چڪي آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، اڪيڊيميا، طبي ماهرن ۽ معاشري کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ذهني صحت، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي وڌنڌڙ استعمال جي معاشرتي اثرن جي حوالي سان منعقد سيمپوزيم کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ڊجيٽل انوويشنز ۽ مصنوعي ذهانت معاشري ۾ اهم مقام حاصل ڪيو آهي جڏهن ته ان سان ذهني صحت جي مسئلن ۾ پڻ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي غير ضروري ۽ حد کان وڌيڪ استعمال جو ذهني صحت تي گهرو اثر پئجي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائيٽس ۽ شوگر جهڙين بيمارين جو شڪار آهن. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ذهني بيمارين بابت معاشرتي بدنامي جي خوف سبب ماڻهو پنهنجا مسئلا ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا جنهن جي ڪري اتي صورتحال اڃا وڌيڪ خراب آهي. هن چيو ته اسلامي تعليمات، هاڪاري معاشرتي روين ۽ مناسب ڊجيٽل استعمال ذريعي انهن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

مزید خبریں