ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيون ٿا: سعودي عرب

رياض-21 مئي(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري وزير فيصل بن فرحان جو چوڻ آهي ته سندس ملڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگ جي خاتمي لاءِ قابل قبول ٺاهه تائين پهچڻ لاءِ سفارتڪاري کي موقعو ڏيڻ جي فيصلي کي ساراهي ٿو، هن چيو ته مملڪت ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي پاڪستاني ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب فيصل بن فرحان …

رياض-21 مئي(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري وزير فيصل بن فرحان جو چوڻ آهي ته سندس ملڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگ جي خاتمي لاءِ قابل قبول ٺاهه تائين پهچڻ لاءِ سفارتڪاري کي موقعو ڏيڻ جي فيصلي کي ساراهي ٿو، هن چيو ته مملڪت ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي پاڪستاني ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب فيصل بن فرحان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سعودي عرب آمريڪي صدر ڊولڊ ٽرمپ جي فيصلي کي ساراهي ٿو. هن جنگ جي خاتمي لاءِ قابل قبول ٺاهه تائين  پهچڻ ۾ سفارتڪاري کي موقعو ڏنو (اهڙو معاهدو)جيڪو آبنائي هرمز ۾ حفاظت سان سامونڊي اچ وڃ جي آزادي کي 28 فيبروري 2026ع کان اڳ جي حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ سمورن تڪرارن کي ان انداز ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو علائقي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ بهتر هجي. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب ان سلسلي ۾ پاڪستان طرفان جاري ٽياڪڙي جي ڪوششن کي به نهايت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

مزید خبریں