آمريڪا پاران ڪيوبا جي اڳوڻي صدر راول ڪاسترو تي فرد جرم لاڳو

واشنگٽن- 21 مئي(اي پي پي) آمريڪا ڪيوبا جي اڳوڻي صدر راول ڪاسترو تي فرد جرم لاڳو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي وقتي اٽارني جنرل هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته راول ڪاسترو ۽ ٻين تي آمريڪي شهرين جي قتل جي سازش جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو پئي وڃي. سندس موجب ڪاسترو ۽ ٻين جوابدارن تي جهاز کي تباهه ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جي سازش جا …

واشنگٽن- 21 مئي(اي پي پي) آمريڪا ڪيوبا جي اڳوڻي صدر راول ڪاسترو تي فرد جرم لاڳو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا جي وقتي اٽارني جنرل هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته راول ڪاسترو ۽ ٻين تي آمريڪي شهرين جي قتل جي سازش جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو پئي وڃي. سندس موجب ڪاسترو ۽ ٻين جوابدارن تي جهاز کي تباهه ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جي سازش جا چار الزام پڻ لاڳو ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 1996ع ۾ جڏهن ڪيوبا جي فوجي جهازن ٻن شهري جهازن کي ڪيرايو هيو ته ان  واقعي ۾ مارجي ويل چئن ماڻهن جا خاندان ڏهاڪن کان "انصاف” جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪاسترو ۽ سندس ساٿين خلاف فرد جرم هڪ وفاقي عدالت پاران جاري ڪيو ويو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته "ڪيترو به وقت گذري وڃي، ٽرمپ انتظاميه آمريڪين کي مارڻ وارن خلاف انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.” هن چيو ته آمريڪا پنهنجن شهرين کي نه وساريندو آهي ۽ نه وساريندو. هن چيو ته "ملڪن ۽ انهن جي اڳواڻن کي آمريڪين کي نشانو بڻائڻ ۽ پوءِ احتساب کان بچڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ته هو آمريڪين کي نشانو بڻائين ۽ پوءِ جوابدهي کان بچي وڃن.

مزید خبریں