پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي مستقل سيٽن ۾ جزوي توسيع جي تجويز رد ڪري ڇڏي

گڏيل قومون – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي جامع سڌارن تي زور ڀريندي مستقل سيٽن ۾ جزوي توسيع جي تجويز رد ڪري ڇڏي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪنهن به قسم جي اثرائتن ۽ پائيدار سڌارن لاءِ جامع پيڪيج جي بنياد تي اڳڀرائي ضروري آهي. اها ڳالهه ان وقت سامهون آئي …

گڏيل قومون – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي جامع سڌارن تي زور ڀريندي مستقل سيٽن ۾ جزوي توسيع جي تجويز رد ڪري ڇڏي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪنهن به قسم جي اثرائتن ۽ پائيدار سڌارن لاءِ جامع پيڪيج جي بنياد تي اڳڀرائي ضروري آهي. اها ڳالهه ان وقت سامهون آئي جڏهن 15 رڪني ڪائونسل جي نئين سر تنظيم بابت تعطل جو شڪار بين الحڪومتي ڳالهين (آءِ جي اين) جو اجلاس اڱاري تي ٻيهر شروع ٿيو. سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته سڌارن جي عمل ۾ پنجن مربوط نڪتن کي ختم ڪندي ميمبر ملڪن وچ ۾ وسيع اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ اڻٽر آهي. انهن پنجن اهم نڪتن ۾ سلامتي ڪائونسل جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو، رڪنيت جي نئين قسمن جو قيام، منصفاڻي علائقائي نمائندگي، ويٽو اختيار ۾ توسيع يا ان جي تجديد ۽ ڪائونسل جي طريقيڪار ۾ شفافيت شامل آهي. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته يونائٽنگ فار ڪنسينسس (يو ايف سي) گروپ جي اهم ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل ميمبرن جو انگ وڌائڻ جي حمايت نه ٿو ڪري، ڀلي انهن کي ويٽو جو اختيار هجي يا نه هجي. سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو عمل هن وقت تعطل جو شڪار آهي ڇو جو جي – 4 ملڪن، جن ۾ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان شامل آهن، مستقل سيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن جڏهن ته يو ايف سي گروپ مستقل رڪنيت ۾ ڪنهن ۾ توسيع جي مخالفت ڪري ٿو. گروپ جو موقف آهي ته انهن قدمن سان اختيارن جا نوان مرڪز وجود ۾ ايندا. متبادل تجويز طور يو ايف سي گروپ اهڙي نئين رڪنيت جي تجويز ڏني آهي جيڪا مستقل نه هجي، پر ان جو مدو ڊگهو هجي ۽ ٻيهر چونڊ جي گنجائش به موجود هجي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي طريقيڪار کي وڌيڪ شفاف، جامع ۽ جوابده بڻائڻ، ماتحت ادارن جي اثرائتي ڪارڪردگي ۽ غير ميمبر ملڪن سان بهتر رابطن لاءِ سڌارا اڻٽر آهن. پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار احمد زور ڀريو ته سڌارن جو عمل ويڇن بدران اتحاد جو سبب بڻجڻ گهرجي، جڏهن ته بين الحڪومتي ڳالهيون ئي اهو مقصد حاصل ڪرڻ جو واحد، جائز ۽ ميمبر ملڪن جي قيادت ۾ هلندڙ پليٽ فارم آهن.

مزید خبریں