برسلز- 21 مئي(اي پي پي) نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي چيو آهي ته آمريڪا پاران يورپ مان 5,000 فوجين کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ٻين ميمبر ملڪن جي دفاعي صلاحيتن کي نقصان نه پهچائيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته تقريبن 4,000 کان 5,000 اهلڪارن جي واپسي واري اعلان جو تعلق آمريڪي فوجين جي واري واري سان مقرر ٿيڻ واري روٽيشنل پاليسي سان آهي جيڪا نيٽو جي …
نيٽو ۾ آمريڪي فوج جي گهٽتائي ٻين ميمبر ملڪن جي دفاعي صلاحيتن کي نقصان نه پهچائيندي: سيڪريٽري جنرل
برسلز- 21 مئي(اي پي پي) نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي چيو آهي ته آمريڪا پاران يورپ مان 5,000 فوجين کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ٻين ميمبر ملڪن جي دفاعي صلاحيتن کي نقصان نه پهچائيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته تقريبن 4,000 کان 5,000 اهلڪارن جي واپسي واري اعلان جو تعلق آمريڪي فوجين جي واري واري سان مقرر ٿيڻ واري روٽيشنل پاليسي سان آهي جيڪا نيٽو جي دفاعي منصوبن کي متاثر نه ٿي ڪري. مارڪ روٽي چيو ته هي هڪ عام ۽ متوقع ڪارروائي آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا هلندڙ مهيني صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جرمن چانسلر وچ ۾ ايران ۾ جنگ جي معاملي تي پيدا ٿيل اختلافن کان پوءِ جرمني مان 5,000 فوجي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو هيو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جرمن چانسلر فريڊرڪ ميرٽز وچ ۾ ايران ۾ جنگ جي مسئلي تي اختلافن کان پوءِ ڪيو هو. پينٽاگون اڱاري تي اعلان ڪيو هو ته يورپ ۾ مقرر آمريڪي برگيڊز جو تعداد چار کان گهٽائي ٽي ڪيو ويو ته جيئن اها مقرري سال 2021ع جي سطح تي واپس اچي وڃي. ان کان اڳ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اعلان ڪيو هو ته پولينڊ ۾ مقرر 4,000 فوجين جي مقرري ملتوي ڪئي وئي آهي پر رد ناهي ڪئي وئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته يورپ کي ان سلسلي ۾ پاڻڀر ٿيڻ گهرجي. نيٽو جا يورپي ميمبر هن هفتي سوئيڊن ۾ هڪ اجلاس ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو کان وضاحت طلب ڪندا.












