لاس اينجلس- 21 مئي(اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ لڳل باهه 26 هزار ايڪڙن تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن جي ڪري هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب باهه ڪيترن ئي رهائشي علائقن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. "سينڊي فائر" نالي اها باهه سومر تي لاس اينجلس کان تقريباً 48 ڪلو ميٽر اتر اولهه ۾ لڳي آهي. وينچورا ڪائونٽي جي فائر ڊپارٽمينٽ …
ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ لڳل باهه 26 هزار ايڪڙن تائين پکڙجي وئي
لاس اينجلس- 21 مئي(اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ٻيلن ۾ لڳل باهه 26 هزار ايڪڙن تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن جي ڪري هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب باهه ڪيترن ئي رهائشي علائقن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. "سينڊي فائر” نالي اها باهه سومر تي لاس اينجلس کان تقريباً 48 ڪلو ميٽر اتر اولهه ۾ لڳي آهي. وينچورا ڪائونٽي جي فائر ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته باهه اڱاري جي صبح تائين صرف 5 ڪلو ميٽرن تائين محدود هئي ۽ هڪ گهر کي نقصان پهچايو هو. فائر ڊپارٽمينٽ جي ترجمان چيو ته 30 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن باهه کي ڀڙڪائي ڇڏيو آهي جنهن ڪيترن ئي علائقن ۾ 45,000 ماڻهن کي خطري سبب کين گهر خالي ڪرڻ ۽ حفاظتي خبرداريون جاري آهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. انهن شهر جي آبادي 125,000 کان وڌيڪ آهي.












