اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان گلوبل صمود فلوٽيلا تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي غيرقانوني طور حراست ۾ وٺڻ ۽ انهن سان بدسلوڪي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان حڪومت عالمي سامونڊي حدن ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران گلوبل صمود فلوٽيلا کي غيرقانوني طور تي روڪڻ، انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ …
پاڪستان پاران گلوبل صمود فلوٽيلا تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي غيرقانوني طور حراست ۾ وٺڻ ۽ انهن سان بدسلوڪي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان گلوبل صمود فلوٽيلا تي انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي غيرقانوني طور حراست ۾ وٺڻ ۽ انهن سان بدسلوڪي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان حڪومت عالمي سامونڊي حدن ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران گلوبل صمود فلوٽيلا کي غيرقانوني طور تي روڪڻ، انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ ۽ انهن سان مبينا بدسلوڪي جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. حراست هيٺ ماڻهن ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ سعد ايڌي پڻ مبينا طور تي شامل آهي. پاڪستان سمورن غيرقانوني طور تي حراست ۾ ورتل ڪارڪنن جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو آهي ته حراست هيٺ ماڻهن جي سلامتي، وقار ۽ بنيادي حقن کي يقيني بڻايو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي آفيس سعد ايڌي جي محفوظ واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اردن ۾ پاڪستاني سفارتخاني سميت خطي ۾ پاڪستاني سفارتي مشنز سان مسلسل رابطي ۾ آهي.










