اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امن، استحڪام ۽ حڪومتن ۽ عالمي ڀائيوارن سان تعميري رابطن جي فروغ لاءِ پرنس رحيم آغا خان پنجين جي ڪردار کي ساراهيندي اعليٰ مقصدن لاءِ پاڪستان جي گڏيل عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن پرنس رحيم آغا خان پنجين جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي سندس اعزاز ۾ هڪ خاص ناشتي جي خصوصي …
وزيراعظم پاران پرنس رحيم آغا خان پنجين جي اعزاز ۾ ناشتي جو اهتمام، اعليٰ مقصدن لاءِ پاڪستان جي گڏيل عزم کي ورجايو

مزید خبریں
اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امن، استحڪام ۽ حڪومتن ۽ عالمي ڀائيوارن سان تعميري رابطن جي فروغ لاءِ پرنس رحيم آغا خان پنجين جي ڪردار کي ساراهيندي اعليٰ مقصدن لاءِ پاڪستان جي گڏيل عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن پرنس رحيم آغا خان پنجين جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي سندس اعزاز ۾ هڪ خاص ناشتي جي خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم تقريب ۾ پرنس رحيم آغا خان جو گرمجوشي سان استقبال ڪندي امن، استحڪام ۽ حڪومتن ۽ عالمي ڀائيوارن سان تعميري رابطن جي فروغ لاءِ سندس عزم کي ساراهيو. هن ان اعليٰ مقصدن لاءِ پاڪستان جي گڏيل عزم کي به ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۽ آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ (اي ڪي ڊي اين) جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائيواري ڪندي ڳوٺاڻي ترقي، صحت، تعليم، آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت، ماحولياتي تبديلي سان هڪجهڙائي، قابل تجديد توانائي، ڊجيٽل مهارتن جي تربيت ۽ نوجوانن ۾ ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ جي شعبي ۾ اي ڪي ڊي اين جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ چترال جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ اي ڪي ڊي اين جي موثر ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم اي ڪي ڊي اين کي پاڪستان خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ چترال ۾ پنهنجي ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ همٿايو، جتي ان نيٽ ورڪ جي ادارتي موجودگي ۽ عوامي خدمتن کي وڏي قدر جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. هن آغا خان يونيورسٽي سان وڌيڪ تعاون جي به آجيان ڪئي ۽ صحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ ان جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. ماحولياتي تحفظ لاءِ پرنس رحيم آغا خان جي ڪوششن کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ خاص طور تي گليشيئر کان متاثر اترين علائقن ۾ ماحولياتي استحڪام جي فروغ لاءِ اي ڪي ڊي اين هڪ قدرتي ۽ ڀروسي لائق ڀائيوار آهي. وزيراعظم پرنس رحيم آغا خان پنجين جو پاڪستان جي دوري تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان سدائين سندس ٻيو گهر رهندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پرنس رحيم جا مسلسل دورا پاڪستان ۽ اسماعيلي برادري جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. وزيراعظم اسلام آباد ڳالهين لاءِ سيرينا هوٽل مفت فراهم ڪرڻ تي پرنس رحيم آغا خان پنجين جي فراخدلاڻي مدد تي پڻ ٿورن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پرنس رحيم جي والد، پرنس ڪريم آغا خان چوٿين جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پرنس ڪريم آغا خان جي تقريبن ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪستان سان وابستگي ۽ سندس لازوال انساني خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم پرنس ڪريم آغا خان چوٿين جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان پوسٽ پاران جاري ڪيل هڪ يادگاري ٽپال جي ٽِڪلي پڻ پيش ڪئي. پرنس رحيم آغا خان پنجين پاڪستان ۾ پنهنجي والهاڻي استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ مختلف انساني ترقي جي قدمن ۾ پاڪستان سان تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.










