وزيراعظم اي سي سي جي ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ميمبر طور شامل

اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وفاقي تعليم واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کي اي سي سي ۾ ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي اي …

اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وفاقي تعليم واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کي اي سي سي ۾ ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي اي سي سي ۾ ميمبر جي حيثيت سان فعال ڪردار ادا ڪندو ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپُور حصو وجهندو.

مزید خبریں