اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جيڪو پاڪستان جو پراڻو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، سان مضبوط، مثبت ۽ مستقبل تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هو برطانيا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار جوناٿن پاول سان ڳالهائي رهيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب …
وزيراعظم شهباز شريف سان برطانيا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جوناٿن پاول جي ملاقات، برطانيا سان مضبوط، مثبت ۽ مستقبل تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جيڪو پاڪستان جو پراڻو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، سان مضبوط، مثبت ۽ مستقبل تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هو برطانيا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار جوناٿن پاول سان ڳالهائي رهيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن وارو سيڪريٽري ساجد بلوچ پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات دوران وزيراعظم برطانيا جيڪو پاڪستان جو هڪ پراڻو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي، سان مضبوط، مثبت ۽ مستقبل تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي گذريل مهيني ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ خوشگوار ۽ دوستاڻي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي گڏيل خواهشن جو اظهار ڪيو هو. جوناٿن پاول علائقائي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار، خاص طور تي خطي ۾ ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي برطانوي حڪومت پاران واکاڻ جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان حڪومت جي موثر معاشي سڌارن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته برطانوي حڪومت سيڪيورٽي، واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي.










