اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪندي آپريشن ۾ 22 خارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته معصوم شهرين کي انساني ڍال جي طور تي …
وزيراعظم شهباز شريف پاران فتنه الهندستان جي 22 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪندي آپريشن ۾ 22 خارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته معصوم شهرين کي انساني ڍال جي طور تي استعمال ڪندي فرار جي ڪوشش ڪرڻ جي ناپاڪ فعل ۾ ملوث دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته انهن جو انسانيت سان ڪو تعلق نه آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي ناسور کان پاڪ ڪرڻ جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.










