بنگلاديش جي اعلى سرڪاري آفيسرن جي هڪ وفد پاران پرڏيهي وزارت جو دورو

اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) بنگلاديش جي اعلى سرڪاري آفيسرن جي هڪ وفد پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اهو وفد هن وقت “پاڪستان – بنگلاديش ناليج ڪوريڊور” قدم تحت سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ “اسٽريٽجڪ ليڊرشپ، گورننس سسٽم ۽ پاليسي انوويشن” جي عنوان سان ٽن هفتن جي ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ پروگرام جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي. پاڪستان ۽ پرڏيهي وزارت اچڻ …

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) بنگلاديش جي اعلى سرڪاري آفيسرن جي هڪ وفد پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اهو وفد هن وقت “پاڪستان – بنگلاديش ناليج ڪوريڊور” قدم تحت سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ “اسٽريٽجڪ ليڊرشپ، گورننس سسٽم ۽ پاليسي انوويشن” جي عنوان سان ٽن هفتن جي ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ پروگرام جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي. پاڪستان ۽ پرڏيهي وزارت اچڻ تي وفد کي ڀليڪار چوندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته بنگلاديش جي اعلى سرڪاري آفيسرن جو هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم ۽ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. آگسٽ 2025ع ۾ پنهنجي بنگلاديش جي دوري جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته هن “پاڪستان – بنگلاديش ناليج ڪوريڊور” جي شروعات جو اعلان ڪيو هو جنهن تحت ايندڙ پنجن سالن ۾ بنگلاديش جي شاگردن کي 500 اسڪالرشپس ڏنيون وينديون. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته 74 بنگلاديشي شاگرد اڳ ۾ ئي پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ پنهنجي تعليم جي شروعات ڪري چڪا آهن. هن ٻڌايو ته ناليج ڪوريڊور جي ٻئي مرحلي جي شروعات 10 مئي 2026ع تي ڍاڪا ۾ ڪئي وئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان، وزيراعظم طارق رحمان جي قيادت ۾ بنگلاديش جي نئين بي اين پي حڪومت سان خوشگوار، گڏيل احترام ۽ تعميري رابطن جي جذبي تحت گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. صوبائي ۽ وفاقي سطح جو دورو ڪندڙ هن وفد حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران فراهم ڪئي ويندڙ شاندار مهمان نوازي کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اداراجاتي رابطن ۽ پيشيواراڻي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. هي دورو ٻطرفي افهام ۽ تفهيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ڪيترين ئي سطحن تي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.

مزید خبریں