ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ سينيئر استادن سان خاص ويهڪ ۾ شرڪت

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) نيشنل سيڪيورٽي اينڊ اسٽريٽجڪ ليڊرشپ ورڪشاپ 2026ع دوران پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ سينيئر استادن سان خاص ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ پاڪستان جي 200 کان وڌيڪ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن، ڊينز، رجسٽرارز ۽ سينيئر استادن شرڪت ڪئي. تفصيل موجب راولپنڊيءَ ۾ …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) نيشنل سيڪيورٽي اينڊ اسٽريٽجڪ ليڊرشپ ورڪشاپ 2026ع دوران پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ سينيئر استادن سان خاص ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ پاڪستان جي 200 کان وڌيڪ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن، ڊينز، رجسٽرارز ۽ سينيئر استادن شرڪت ڪئي. تفصيل موجب راولپنڊيءَ ۾ رٿيل نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ لاهور، ڪراچي، پشاور، مظفر آباد، ملتان ۽ ڪوئيٽه مان ڪجهه ماڻهو آن لائن به شريڪ ٿيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ملڪ جي داخلي صورتحال خاص ڪري سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون. خاص ويهڪ ۾ شامل شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪ جي دفاع، استحڪام ۽ سلامتيءَ لاءِ فخر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان کي پاڪ فوج سبب عظيم فتح نصيب ٿي. شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان کي پورو ڀروسو آهي ته ملڪي دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، پاڪ فوج تي نه صرف آزاد ڪشمير پر والاريل ڪشمير جي عوام کي به فخر آهي، اسان جي شاگردن کي منفي پروپيگنڊا کان بچائڻ ۽ صحيح ڄاڻ پهچائڻ جي حوالي سان واضح رهنمائي ملي آهي، اڪيڊيميا کي قومي سلامتي، انفارميشن وار فيئر ۽ ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان واضح آگاهي ڏني وئي، پاڪستاني فوج ۽ اڪيڊيميا وچ ۾ قائم ڪيل اهو رابطو وقت جي اهم ضرورت آهي، ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن وائيس چانسلرزن ۽ اڪيڊيميا کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري آءِ ايس پي آر جي قدمن کي بيحد ساراهيو آهي.

مزید خبریں