اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چين سان پارلياماني ڏي وٺ، واپار ۽ سيڙپڪاري، رابطن، زراعت، ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاعي سهڪار ۽ ثقافتي ۽ عوام کان عوام جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ چين سان سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي پاڪستان جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري گڏيل اعتماد کي مضبوط بنائڻ ۽ اداره جاتي سهڪار کي هٿي …
پارلياماني سفارتڪاري گڏيل اعتماد کي مضبوط بنائڻ ۽ اداره جاتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چين سان پارلياماني ڏي وٺ، واپار ۽ سيڙپڪاري، رابطن، زراعت، ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاعي سهڪار ۽ ثقافتي ۽ عوام کان عوام جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ چين سان سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي پاڪستان جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري گڏيل اعتماد کي مضبوط بنائڻ ۽ اداره جاتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪ چين ناتا گڏيل اعتماد، پُختي حمايت، گڏيل خواهشن ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار تي قائم آهن. اهڙو اظهار هن پاڪ چين سفارتي ناتن جي 75هين سالگره جي موقعي تي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي وائيس چيئرمين ڪائي ڊافينگ جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان جي دؤري تي آيل چين جي پارلياماني وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. اسپيڪر چيو ته ٻئي ملڪ ڏُکين گهڙين ۾ هميشه هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ مخلص ۽ اعتماد جوڳا ڀائيوار رهيا آهن. ان کان اڳ اسپيڪر چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي وائيس چيئرمين جي اڳواڻيءَ ۾ چين جي پارلياماني وفد جو پارليامينٽ هائوس ۾ شاندار استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پائيدار ۽ هر آزمائش تي پورو لهندڙ دوستي تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. چيني وفد جو اهو دؤرو ۽ ملاقات اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين وچ ۾ سفارتي ناتن جي قيام جي 75هين سالگره جي موقعي تي جاري تقريبن جي پس منظر ۾ ٿي. ٻنهي طرفان ٻنهي ملڪن وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي سفارتي ناتن جي ڊائمنڊ جوبلي جون تقريبون نه صرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي دوستي جي عڪاسي آهن پر ان جي عوام، پارليامينٽ ۽ ادارن وچ ۾ گهري رشتن جي به علامت آهن. هن قومي عوامي ڪانگريس جي چيئرمين زاليجي، چيني قيادت ۽ چين جي عوام کي سفارتي ناتن جي 75 سال مڪمل هئڻ تي واڌايون پيش ڪيون. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪ چين پارلياماني دوستي گروپ پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس وچ ۾ ويجهي پارلياماني هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ قانونسازيءَ جي سهڪار کي مضبوط بنائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسپيڪر جنوري 2026ع ۾ پنهنجي چين جي دؤري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دؤري دوران ٿيل اعليٰ سطحي ۽ بامعنيٰ ڳالهين سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ هٿي ملي ۽ ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ سهڪار جون نيون راهون کُليون. اسپيڪر پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ جي ٻه طرفن ناتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ تعميري ڪردار کي پڻ ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومتي ۽ مخالف بينچن جي ميمبرن چين سان يڪجهتيءَ جي اظهار ۽ مضبوط ٻه طرفي سهڪار جي حمايت ۾ متحد آهن. پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينر ۽ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار رومينه خورشيد عالم چيو ته پاڪ چين دوستي ڪاميابيءَ سان وقت جي هر آزمائش جو مقابلو ڪيو آهي ۽ هي علائقائي امن، اقتصادي ترقي ۽ گڏيل خوشحاليءَ لاءِ اڻٽر آهي. هن زور ڀريندي چيو ته مضبوط پارلياماني ۽ عوامي سطح تي ڳالهين سان ٻه طرفا ناتا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سينيئر پارليامينٽيرين نويد قمر چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 75 سال کان بي مثالي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ ويجهو سهڪار آهي. هن چيو ته بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن جي نظر کان هٽي ڪري پاڪ چين ناتن جي سُڃاڻپ هميشه مستقل مزاجي، تسلسل ۽ گڏيل احترام تي رهي آهي. قومي اسيمبلي ميمبر شير علي ارباب چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا جو بنياد آهي ۽ ان کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي مڪمل حمايت حاصل آهي. هن چيو ته ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ عوام کان عوام وچ ۾ رابطا، ثقافتي مٽاسٽا ۽ هيٺين سطح تي سهڪار ضروري آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي وائيس چيئرمين، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ پاڪستاني عوام پاران چيني وفد جي شاندار مهمان نوازيءَ تي شڪريو ادا ڪيو. هن ايندڙ سالن ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ چين جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪ چين دوستي کي هر حال ۾ يڪجهتي، گڏيل اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار جو شاندار مثال قرار ڏنو. وائيس چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين پاڪستان سان زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي، جديد ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن ۾ سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ خلائي شعبي ۾ وڌندڙ سهڪار تي به روشني وڌي ۽ چيو ته ويجهڙ ۾ ئي ٻن پاڪستان خلابازن کي تربيت ڏني آهي جنهن سان هو چيني خلائي ايجنسي مان تربيت حاصل ڪندڙ پهريان پرڏيهي شهري بڻجي چڪا آهن. چيني وفد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ چين علائقائي رابطن، پائيدار ترقي، امن ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ويجها ڀائيوار آهن. ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن سان مضبوط رابطا، ميڊيا سهڪار ۽ پارلياماني سهڪار ٻنهي ملڪن وچ ۾ روايتي دوستيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ايم اين اي محمد جاويد حنيف ۽ محمد عثمان باديني شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مقرر چين جو سفير به موجود هو. بعد ۾ چيني پارلياماني وفد قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي ڪارروائي به ڏٺي.










