اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ايشين انفراسٽڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ سان ڀائيواري ۽ سيڙپڪاري انتهائي اهم آهي. آمدورفت جي ذريعن جي سمورن اهم منصوبن کي ايندڙ 2 سالن ۾ مڪمل ڏسڻ چاهيون ٿا. ايئر چيف جا ٿورائتا آهيون، سندس ذاتي دلچسپي سان موٽر ويز تي ايئر ايمبولينس جي جلد شروعات ڪئي ويندي. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب ايشين …
ايشين انفراسٽڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ سان ڀائيواري ۽ سيڙپڪاري انتهائي اهم آهي: عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ايشين انفراسٽڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ سان ڀائيواري ۽ سيڙپڪاري انتهائي اهم آهي. آمدورفت جي ذريعن جي سمورن اهم منصوبن کي ايندڙ 2 سالن ۾ مڪمل ڏسڻ چاهيون ٿا. ايئر چيف جا ٿورائتا آهيون، سندس ذاتي دلچسپي سان موٽر ويز تي ايئر ايمبولينس جي جلد شروعات ڪئي ويندي. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب ايشين انفراسٽڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي وائيس صدر ڪونسٽين ٽين لميت وسڪي، وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل زياوهانگ وانگ به وفاقي وزير سان ملاقات ڪرڻ ۾ شامل هئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي مواصلاتي شعبي جي جاري ۽ ڄاڻايل مختلف منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. عبدالعليم خان چيو ته ايشين انفراسٽڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ سان ڀائيواري ۽ سيڙپڪاري انتهائي اهم آهي، اچ وڃ جي ذريعن جا سمورا اهم منصوبا ايندڙ 2 سالن ۾ مڪمل هئڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان جو سڀ کان اهم منصوبو ڪراچي کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان سکر موٽر وي آهي، اهي موٽر وي پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، انهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي پورٽ سان ڳنڍيل موٽر وي جو حصو 9 لائينن تي مشتمل آهي، جڏهن ته حيدرآباد، سکر موٽر وي 6 لائينن تي هوندو، لاهور، سيالڪوٽ ۽ کاريان، راولپنڊي جي موٽر وي منصوبي کي به ايندڙ 2 سالن ۾ مڪمل ڪنداسين، ان موٽر وي سان لاهور، اسلام آباد ۾ فاصلو 100 ڪلوميٽر ۽ سفر هڪ ڪلاڪ گهٽ ٿي ويندو، ان منصوبي جي پڄاڻيءَ سان اربين رپيا ساليانو پيٽرول جي مد ۾ بچت ٿيندي. پاڪ فضائيه جي سهڪار سان ايئر ايمبولينس سروس ۽ جديد ٽراما سينٽر قائم ڪيا ويندو. ايئر چيف جا ٿورائتا آهيون، سندس ذاتي دلچسپيءَ سان موٽر ويز تي ايئر ايمبولينس جي جلد شروعات ٿي رهي آهي. وفاقي وزير وفد کي اين ايڇ اي جي مڪمل ٿيل منصوبن جي دؤري جي دعوت ڏني. ايشين انفراسٽڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي وفد اين ايڇ اي سان ڀائيواريءَ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وائيس صدر چيو ته هي دؤرو خوشگوار رهيو، لاهور به ويندس.










