سوشل ميڊيا بابت قاعدا هجڻ گهرجن ته جئين ڪنهن ٻئي تي اهڙا بي بنياد الزام نه لڳائي سگهجن، عزتدارن جون پڳڙيون اڇلڻ جو سلسلو بند هجڻ گهرجي: راجه پرويز اشرف

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف چيو آهي ته سوشل ميڊيا بابت قاعدا هجڻ گهرجن ته جئين ڪنهن ٻئي تي اهڙا بي بنياد الزام نه لڳائي سگهجن، عزتدارن جون پڳڙيون اڇلڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ ۾ اعتراض واري نڪتي تي راجه پرويز اشرف چيو ته منشيات جي ڪاروبار سان لاڳاپيل گرفتار ٿيل هڪ عورت، عدالت ۾ چيو ته هن تي دٻاءُ …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف چيو آهي ته سوشل ميڊيا بابت قاعدا هجڻ گهرجن ته جئين ڪنهن ٻئي تي اهڙا بي بنياد الزام نه لڳائي سگهجن، عزتدارن جون پڳڙيون اڇلڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ ۾ اعتراض واري نڪتي تي راجه پرويز اشرف چيو ته منشيات جي ڪاروبار سان لاڳاپيل گرفتار ٿيل هڪ عورت، عدالت ۾ چيو ته هن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته راجه پرويز اشرف جو نالو وٺي، بعد ۾ عورت جي وڪيل وضاحت ڪري ڇڏي هئي ته هن ڪنهن ٻئي پرويز اشرف جو نالو ورتو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا تي راجه پرويز اشرف جو نالو بڻايو ويو، منهنجي سياسي مخالفن به مون تي گند اڇلائڻ جي مذمت ڪئي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪو قاعدو هجڻ گهرجي ته جئين ڪنهن ٻئي تي اهڙو بي بنياد الزام نه لڳائي سگهجي، عزتدارن جون پڳڙيون اڇلڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں