عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار رهيو. جڏهن ته جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان ڏسڻ ۾ آيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.89 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 107.77 ڊالر ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 2.60 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ اربع ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار رهيو. جڏهن ته جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان ڏسڻ ۾ آيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.89 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 107.77 ڊالر ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ تحت مستقبل جا سودا 2.60 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 108.68 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. دبئي ۾ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 105.34 ڊالر، عرب لائٽ 116.96 ڊالر ۽ ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ تحت مستقبل جا سودا 1.01 ڊالر جي گهٽتائي سان 123.62 ڊالر جي بيرل ۾ طئي ٿيا. ايران جي مختلف برانڊز تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 105.48 ڊالر کان 108.28 ڊالر وچ ۾ طئي ٿيا. سون جي مستقبل جا سودا 9.70 ڊالر جي گهٽتائي سان 4501.50 ڊالر ۽ چانديءَ جي قيمت 0.90 ڊالر جي اضافي سان 67.01 ڊالر جي اونس ٿي وئي. مڪئي جي قيمت ۾ 3.75 ڊالر جي گهٽتائي ٿي ۽ مستقبل جا سودا 471.50 ڊالر جي بشل ۾ طئي ٿيا. ڪڻڪ جي قيمت ۾ 1.50 ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ مستقبل جا سودا 668.75 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.

مزید خبریں