اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينھن به تيزي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1934.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 164831.42 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 386.39 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 20.12 ارب رپيا هئي، ڪاروباري سرگرمين دوران 562 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 302 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 141 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 119 ڪمپينن …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان، 100 انڊيڪس 1934.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 164831.42 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينھن به تيزي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1934.74 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 164831.42 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ 386.39 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 20.12 ارب رپيا هئي، ڪاروباري سرگرمين دوران 562 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 302 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 141 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 119 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ ڪو به ردوبدل نه ٿيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 669.37 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 49356.83 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 3362.86 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 237212.17 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 11.31 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. سوئي سدرن ڪمپني جي 25264818 شيئرز، بئنڪ آف پنجاب جي 24570490 شيئرز ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 22784035 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ٽرائي سٽار ميوچل فنڊ، ايل ايس اي فنانشل سروسز ۽ فرسٽ ڪريڊٽ اينڊ انويسٽمنٽ بئنڪ سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.










