اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ بنگلاديش جي سينيئر سرڪاري آفيسرن جي هڪ وفد جي آجيان ڪئي. وفد پاڪستان-بنگلاديش ناليج ڪوريڊور قدم تحت پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ لاهور سول سروسز اڪيڊمي ۾ ٽن هفتن تي ٻڌل ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب 53 سالن کانپوءِ ٿيندڙ هي دورو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ بنگلاديش جي سينيئر سرڪاري آفيسرن جي وفد جي آجيان ڪئي

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ بنگلاديش جي سينيئر سرڪاري آفيسرن جي هڪ وفد جي آجيان ڪئي. وفد پاڪستان-بنگلاديش ناليج ڪوريڊور قدم تحت پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ لاهور سول سروسز اڪيڊمي ۾ ٽن هفتن تي ٻڌل ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب 53 سالن کانپوءِ ٿيندڙ هي دورو ٻطرفي اداراجاتي مٽاسٽا ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ناليج ڪوريڊور جي شروعات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي آگسٽ 2025ع ۾ ڍاڪا جي دوري دوران ڪيو ويو هو جتي هن پنجن سالن ۾ بنگلاديشي شاگردن جي لاءِ 500 وظيفن جو اعلان ڪيو هو. هيستائين 74 بنگلاديشي شاگرد پاڪستان ۾ اعلى تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته اها مٽاسٽا پاڪستان – بنگلاديش لاڳاپن ۾ وڌندڙ مثبت اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿي. هن قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن، اداراجاتي تعاون ۽ عوامي سطح جي لاڳاپن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.










