پاڪ ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا فقط سفارتي رابطا ناهن پر اعتماد، گڏيل احترام، گڏيل ترقي ۽ لازوال دوستيءَ تي ٻَڌل آهن: احسن اقبال

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا فقط سفارتي رابطا ناهن پر اعتماد، گڏيل احترام، گڏيل ترقي ۽ لازوال دوستيءَ تي ٻَڌل آهن، جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي پئي وڃي. ٻئي ملڪ هر ڏُکي گهڙيءَ ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، سندن دوستي اڄ دنيا لاءِ …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا فقط سفارتي رابطا ناهن پر اعتماد، گڏيل احترام، گڏيل ترقي ۽ لازوال دوستيءَ تي ٻَڌل آهن، جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي پئي وڃي. ٻئي ملڪ هر ڏُکي گهڙيءَ ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، سندن دوستي اڄ دنيا لاءِ مثالي تعلق جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي ناتن جي قيام جي 75هين سالگره جي موقعي تي پاڪستان- چين دوستي مرڪز اسلام آباد ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري اشفاق احمد خليل، سفارتڪارن، دانشورن، فنڪارن، شاگردن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري، ماکيءَ کان مٺي ۽ فولاد کان وڌيڪ مضبوط آهي، اهو فقط جذباتي نعرو نه پر عملي حقيقت آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جو احترام ڪيو آهي ۽ هر عالمي ۽ علائقائي چئلينجز ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو. وفاقي وزير چيو ته گذريل 75 سالن ۾ پاڪ چين لاڳاپن مسلسل ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون آهن ۽ اڄ اهي جامع اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. هن چيو ته سي پيڪ ان دوستيءَ جو نمايان ۽ عملي اظهار آهي، جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جا نوان دروازا کوليا. هن چيو ته سي پيڪ صرف روڊن، بجلي گهرن ۽ صنعتي زونز جو مجموعو ناهي پر هي هڪ اهڙو ويزن آهي جيڪو علائقائي رابطن، اقتصادي سهڪار ۽ گڏيل ترقيءَ کي هٿي ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪستان جي توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، صنعتي سرگرمين ۾ واڌ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ڊجيٽل رابطن کي بهتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته گوادر پورٽ سي پيڪ جو تاج آهي ۽ مستقبل ۾ هي پوري خطي لاءِ معاشي سرگرمين جو اهم مرڪز بڻجندو. هن چيو ته پاڪستان پاڻ کي علائقائي واپار، ٽرانزٽ ۽ سهڪار جي مرڪز طور تي ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته چين سان ڀائيواري ان ويزن جي تڪميل ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ معيشت ۽ انفراسٽرڪچر ڀائيواريءَ جا بنياد آهن پر ثقافت، فنون لطيفه ۽ عوامي رابطا پاڪستان ۽ چين جي دوستيءَ جو حقيقي روح آهن. هن وڌيڪ چيو ته ثقافتي مٽاسٽا ٻنهي قومن وچ ۾ محبت، هم آهنگي ۽ اعتماد کي وڌيڪ هٿي ڏئي ٿي ۽ نوجوان نسلن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ٿي. هن چيو ته عالمي معيشت جو مرڪز تيزيءَ سان ايشيا طرف منتقل ٿي رهيو آهي ۽ اهڙي وقت ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڀائيواري وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. هن چيو ته علائقائي رابطا هاڻ ڪا چونڊ نه پر اڻٽر ضرورت بڻجي چڪا آهن، پاڪستان ۽ چين گڏجي خطي ۾ ترقي، استحڪام ۽ خوشحاليءَ جا نوان موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو، سي پيڪ، گلوبل ڊولپمينٽ انيشيئٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيئٽو ۽ گلوبل سولائزيشن انيشيئٽو تحت چين سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيو آهي ته جيئن ڏاکڻين ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ ترقيءَ جي نئين دؤر جي شروعات ڪري سگهجي. هن سڌ سماءَ واري وفاقي وير عطاءُ الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ واري وزارت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان چين دوستي ايندڙ نسلن لاءِ امن، ترقي ۽ گڏيل خوشحاليءَ جي روشن علامت بڻجي رهندي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان ۽ چين جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خاص ثقافتي پروگرام به پيش ڪيا ويا، جنهن کي شرڪت ڪندڙن بيحد ساراهيو.

مزید خبریں