پاڪستاني بندرگاهن ۾ وچ ايشيا لاءِ اهم واپاري گيٽ وي بڻجڻ جي اهليت آهي: جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري قازقستان جي سيڙپڪارن کي گوادر ۽ ڪراچي پورٽس ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جون بندرگاهون وچ ايشيائي ملڪن لاءِ علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهچ جو اثرائتو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. وزارت مان جاري پريس رليز موجب گذريل ڏينهن قازق ڪمپني فريڊم هولڊنگ ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري قازقستان جي سيڙپڪارن کي گوادر ۽ ڪراچي پورٽس ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جون بندرگاهون وچ ايشيائي ملڪن لاءِ علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهچ جو اثرائتو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون. وزارت مان جاري پريس رليز موجب گذريل ڏينهن قازق ڪمپني فريڊم هولڊنگ ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تيمور ترلوف جي اڳواڻيءَ ۾ قازقستان جي 11 رڪني وفد سان ملاقات دوران وفاقي وزير پاڪستاني بندرگاهن تي ٽرانس شپمينٽ آپريشنز، آف ڊاڪ ۽ ملٽي پرپز ٽرمينلز، ڊراءِ ڊاڪ ۽ فلوٽنگ ڊاڪ سهولتن ۾ سهڪار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ڪراچي ۽ گوادر جي علائقائي واپار ۾ اسٽريٽجڪ اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو ميري ٽائيم انفراسٽڪچر عالمي سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته گوادر فري زونز ۾ گڏيل رٿائون قازقستان کي علائقائي ۽ عالمي واپاري مارڪيٽن تائين بهتر پهچ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. وفد پاڪستان جي ميري ٽائيم شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪندي حڪومتي اقتصادي ۽ سامونڊي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير فريڊيم هولڊنگ ڪارپوريشن کي پاڪستان جي بليو اڪانومي بابت منصوبن ۾ شموليت جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستاني بندرگاهون قازقستان ۽ ٻين وچ ايشائي ملڪن لاءِ نار، آفريقي ۽ ڏکڻ اوڀر ايشائي مارڪيٽن تائين رسائيءَ جو اهم گيٽ وي بڻجي سگهي ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن خاص ڪري قازقستان وچ ۾ روڊ، ريل ۽ فضائي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن علائقائي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. ان موقعي تي تيمور ترلوف پاڪستان جي ترقي ڪندڙ ميري ٽائيم سيڪٽر تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته سندس ڪمپني پاڪستان جي اقتصادي ترجيحن سان هم آهنگ، ڊگهي مُدي واري اسٽريٽجڪ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن جو جائزو وٺي رهي آهي.

مزید خبریں