اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس شروع ٿي ويو، جنهن ۾ مختلف اهم قومي ۽ عوامي نوعيت جي معاملن تي غور ڪيو ويندو. اجلاس دوران ميمبرن طرفان قانون سازي، عوامي مسئلن ۽ ملڪي صورتحال سان لاڳاپيل نڪتا به اٿارڻ جو امڪان آهي. اجلاس جي ڪارروائي دوران چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي وائيس چيئرمين جي سربراهي ۾ …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾سينيٽ جو اجلاس
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس شروع ٿي ويو، جنهن ۾ مختلف اهم قومي ۽ عوامي نوعيت جي معاملن تي غور ڪيو ويندو. اجلاس دوران ميمبرن طرفان قانون سازي، عوامي مسئلن ۽ ملڪي صورتحال سان لاڳاپيل نڪتا به اٿارڻ جو امڪان آهي. اجلاس جي ڪارروائي دوران چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي وائيس چيئرمين جي سربراهي ۾ اعليٰ سطح جو چيني پارلياماني وفد به ايوان ۾ موجود رهيو ۽ سينيٽ جي ڪارروائي جو مشاهدو ڪيو. چيني وفد جي آمد کي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي وٺرائڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. چيني وفد اجلاس کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، پارلياماني سهڪار، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو امڪان آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويندو.











