بيجنگ- 20 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته روس سان سهڪار هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي سهڪار ۾ وڌيڪ عملي نتيجا حاصل ڪرڻ گهرجن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي نائب وزيراعظم ڊينگ شوئي شيانگ بيجنگ ۾ روس جي پهرين نائب وزيراعظم ميتوروف سان ملاقات دوران چئي. ڊينگ شيانگ چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ ان جي روسي هم منصب ولاديمير …
روس سان سهڪار هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي: چين
بيجنگ- 20 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته روس سان سهڪار هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي سهڪار ۾ وڌيڪ عملي نتيجا حاصل ڪرڻ گهرجن. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه چين جي نائب وزيراعظم ڊينگ شوئي شيانگ بيجنگ ۾ روس جي پهرين نائب وزيراعظم ميتوروف سان ملاقات دوران چئي. ڊينگ شيانگ چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ ان جي روسي هم منصب ولاديمير پيوٽن جي اسٽريٽجڪ قيادت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون مسلسل هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال چين روس اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي قيام جي 30هين سالگره ۽ چين روس پاڙيسري دوستي ۽ تعاون جي معاهدي تي صحيحن جي 25 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. هن زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ان موقعي مان فائدو کڻندي ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي اهم اتفاق راءِ تي وڌيڪ عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته چين روس سيڙپڪاري تعاون ڪميٽي جي مربوط ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ ڪتب آڻيندي اهم منصوبن کي مستحڪم انداز ۾ اڳتي وڌائڻ گهرجي، تعاون جي نون شعبن کي ڳولهڻ گهرجي ۽ وڌيڪ عملي نتيجا حاصل ڪرڻ گهرجن. روس جي پهرين نائب وزيراعظم چيو ته سندس ملڪ چين سان اسٽريٽجڪ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ، تعاون جي دائري کي وڌائڻ، ڌرين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ٻه طرفي سيڙپڪاري سهڪار جي سطح کي لڳاتار بلند ڪرڻ جو خواهشمند آهي.












