بيجنگ- 20 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته آفريقا جي ترقي ۾ حمايت ان جي مستقل پاليسي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي لائيبيريا جي هم منصب ساره نينتي سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته آفريقا جي ترقي ۾ حمايت چين جي پختي ۽ مستقل پاليسي آهي. چين لائيبيريا پاارن عالمي ٽياڪڙي اداري جي نئين ميمبر طور شموليت جي معاهدي تي …
آفريقا جي ترقي ۾ حمايت چين جي مستقل پاليسي آهي: پرڏيهي وزير وانگ يي
بيجنگ- 20 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته آفريقا جي ترقي ۾ حمايت ان جي مستقل پاليسي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي لائيبيريا جي هم منصب ساره نينتي سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته آفريقا جي ترقي ۾ حمايت چين جي پختي ۽ مستقل پاليسي آهي. چين لائيبيريا پاارن عالمي ٽياڪڙي اداري جي نئين ميمبر طور شموليت جي معاهدي تي صحيحن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي، سندس چوڻ هو ته گلوبل سائوٿ جي نمائندن طور چين ۽ لائبيريا گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ساره نينتي چيو ته لائبيريا ون چائنا پاليسي تي مضبوطي سان عمل ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي حوالي سان چين جي تجربن مان سبق حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان جو چوڻ هو ته لائيبيريا انسانيت جي هم نصيب معاشري جي تصور ۽ گلوبل انيشي ايٽوز کي ساراهي ٿو ۽ ان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.












